بيجنگ- 08 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير ڇن گانگ چيو آهي ته چين هميشه عالمي امن جي تحفظ ۽ گڏيل ترقيءَ جي جستجو تي ٻَڌل پرڏيهي پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي ۽ هر قسم جي بالادستي ۽ طاقت جي سياست جي مخالفت ڪئي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين شراڪت جي بنياد تي سمورن ملڪن سان پنهنجي دوستاڻن ناتن کي هٿي وٺرائيندي نئين طرز جا عالمي ناتا جوڙڻ جو خواهشم??د آهي، چين دوستي ۽ ترقيءَ کي پنهنجو هدف قرار ڏيندي پنهنجي ترقيءَ سان دنيا کي نوان موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي ذريعي عام انسان جي هم نصيب معاشري جي تعمير عالمي حڪمرانيءَ کي وڌيڪ معقول ۽ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ ??وش?? ڪندو. چين جي سفارتڪاريءَ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين جي سفارتڪاري چين جي ترقياتي تصو?? جي واڌ ويجهه آهي ۽ ان تصو?? جي چين جي جديد ڪاريءَ ۾ عڪاسي به ظاهر ٿئي ٿي. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته 1.4 ارب آبادي جي ملڪ جو مجموعي طور تي جديد ڪاري ۾ بني نوع انسان جي تاريخ ۾ معجزه هوندو. پرڏيهي وزير چيو ته چين جي پُرامن ترقي جو تصور سنگين چئلينجز جو شڪار دنيا کي چين جي دانشمندي ۽ چين حل فراهم ڪيو آهي. روس يوڪرين تڪرا?? جي حوالي سان هن چيو ته امن ۽ جنگ وچ ۾ امن جي چونڊ آهي. هن چيو ته سمورين ڌُرين کي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان خدشن جو احترام ڪرڻ گهرجي ته جيئن يورپ ۾ جٽادار امن امان قائم ٿي سگهي. ڪجهه ملڪن طرفان سلامتي ۽ ترقيءَ جي شعبي ۾ پريشاني بابت پرڏيهي وزير چيو ته چين ان ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو ته اسان گڏجي ڏُکيائين کي مُنهن ڏيندي سلامتي ۽ ترقيءَ کي يقيني بڻايون ۽ خطي جي هم نصيب معاشري جي تعمير لاءِ ??وش?? ڪريون.
چين هميشه عالمي امن جي تحفظ ۽ گڏيل ترقيءَ جي جستجو تي ٻَڌل پرڏيهي پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي: چيني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار