گڏيل قومون – 9 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته سوڊان ۾ 16 مهينن کان جاري جنگ جي صورتحال جي نتيجي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن. ملڪ جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهي جو نقشو پيش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اذهانوم گبريس 2 ڏينهن واري دوري بعد پورٽ سوڊان شهر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران فوتين جي انگ جو اعلان ڪي?? آهي. اهو شهر فوج جي حمايت يافته عالمي سط?? تي تسليم ٿيل حڪومت جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ٽيڊروس چيو ته فوتي?? جو اصل انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. سوڊان هڪ طوفاني بحرا?? جو شڪار آهي جتي تباهي جي حد ڇرڪائيندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته هتي تڪرار گهٽائڻ لاءِ کنيل قدم ناڪافي آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز