واشنگٽن-06 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ مسلمانن جي مُک تنظيم ڪائونسل آن آمريڪن اسلامڪ رليشنز (سي اي آءِ آر) غزه ۾ فلس??ين??ن جي نسل ڪشيءَ لاءِ اسرائيل کي آمري??ي صدر جوبائيڊن طرفان 8 بلين ڊالرن جا هٿيار وِڪرو ڪرڻ جي نئين معاهدي جي مذمت ڪندي ان کي نسل پرستاڻو ۽ سماج دشمن قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ڪانگريس کي اسرائيل سان 8 بلين ڊالرن جي هٿيارن جي معاهدي جي باري ۾ غير رسمي طور اطلاع ڪيو آهي جنهن ۾ ويڙهاڪ جهازن ۽ حملي آور هيليڪاپٽرن سان گڏوگڏ توپ خاني جا گولا به شامل هوندا. سي اي آءِ آر جي مذمت ان وقت سامهون آئي جڏهن اسرائيل نئين چونڊيل آمري??ي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداريءَ کانپوءِ غزه شهر ۾ شهري آبادي جي جبري فاقا ڪشيءَ ۾ واڌ جو منصوبو بڻائي رهيو آهي. انساني حقن جي ڪيترن ئي تنظيمن عالمي ادارن اسرائيل تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳايو آهي. عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جنگي ڏوهن جو سبب بڻجڻ تي اسرائيلي ??زيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ بچاءَ واري اڳوڻي وزير يووگيلنٽ جا گرفتاريءَ وارا وارنٽ جاري ڪيا آهن. سي اي آءِ آر جي نيشنل ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نهاد عواد چيو ته اسان بائيڊن انتظاميه جي ان ناقابل يقين ۽ مجرماڻي فيصلي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ته ان اسرائيل تي غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي لاءِ دٻاءُ وڌائڻ ۽ آ??ريڪي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ بدران جنگي ڏوهي اسرائيلي ??زيراعظم جي حڪومت کي وڌيڪ 8 بلين ڊالرن جا آمريڪي هٿيار فراهم ڪيا.
سي اي آءِ آر پاران غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي لاءِ اسرائيل کي 8 ملين ڊالرن جا هٿيار وِڪرو ڪرڻ جي نئين معاهدي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا