چترال – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ا??ان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين، مخالفن جي پروپئگنڊه جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو سفر جاري رکنداسين، چترال سان دل جي گهراين سان محبت ڪريان ٿو. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي چترال جي عوام سان ايترو ئي پيار آهي جيترو هو مون سان ڪري ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل کانسواءِ 17 ارب رپيا رستن جي تعمير تي پڻ خرچ ٿيندا. هن چيو ته ا??ان جي دلين ۾ بغض نه آهي جنهن کي جيترو مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، بغض هجي ها ته صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهياسين پئي. هن چيو ته ا??تجاجي سياست ڪندڙن کي عوام هر جاءِ تي رد ڪري ڇڏيو. وز??را??ظم چيو ته چترال ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ٺهنديون. هن چيو ته علائ??ي ۾ اسپتال جي تعمير جي لاءِ وز??را??ظم هيلٿ پروگرام تحت 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهي ويندي جنهن جي تعمير جلد شروع ٿيندي ۽ اڪثر منصوبا 2018ع تائين مڪمل ٿي ويندا.
اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر