اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي، غذائي تحفظ، سروس ڊليوري جي بهتري، اداره جاتي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لا??ِ لا??حه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان م??ام??ن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لا??ِ لا??حه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي مدي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي نظ??م جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي موجود نظ??م جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لا??حه عمل جي هفتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو ويندو. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لا??ِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت جي فروغ لا??ِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته غذائي تحفظ لا??ِ لا??يو اسٽاڪ، فلوري ڪلچر، هارٽي ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو ويندو. ان کانسواءِ اڻ مڪمل منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعليم جي شعبن جي مانيٽرنگ، بجلي جي موجوده نظ??م ۾ بهتري، ٽيڪس جي نظ??م جي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لا??ِ قدم به لا??حه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته فلاحي رياستن ۾ امير ۽ غريب لا??ِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چيو ته سياحت جي فروغ لا??ِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل