اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به گڏ هئا ۽ آئنده به گڏ رهندا، سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي ملاقات سان حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ته شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي جو 16 ??رب ۽ نيب ۾ ساڍا 7 ??رب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس هلي رهيو آهي، هن چيو ته انهن کي خبر پئجي وئي اهي ته انهن جي چوري پڪڙي ??ئي آهي ۽ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جيڪا ڪالهه هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوندي هئي اڄ وري انهن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سياسي پارٽيون ملاقاتون ڪنديون آهن پر گذريل ساڍا ٽي س??لن کان اتحادي حڪومت سان گڏ آهن ۽ آئنده به گڏ رهندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر