اسلام آباد – 02 ̵1; آ??سٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت ??اڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين ??روفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو انسان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيدن جي گه??وارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قو?? شهيدن جي گه??وارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گه??وارن کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil