لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ چيو آهي ته ڪشمير اسان جو آهي ۽ سڄو اسان جو آهي، ڪشمير جي مڪمل آز??دي تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي ڏاڍ جا 1095 ڏينهن ڪشميرين کي انهن جي آز??دي جي جدوجهد کان روڪي ناهن سگهيا، ڀارت کي آرٽيڪل 370 واپس لاڳو ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڇو خاموش آهن. حسن مرتضيٰ مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير جي مير صادق کي انصاف جي ڪ??هڙي ۾ آندو وڃي. هن جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو والاريل ڪشمير جو ڪيس هر جڳهه تي وڙهي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل