استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ??ئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچاري جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي. وزيراعظم ??يو ته اڄ جي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزادي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان ??نهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان ??شڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم ??يو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪستان کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. وزيراعظم ??يو ته رجب طيب اردوان جي سماجي ڀلائي جي منصوبن جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي ترقي جا ثمر ملي رهيا آهن. وزيراعظم ??يو ته اڄ اسان ??اڪستان ??يوي جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ??ئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي ??ضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، ا??ن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ??يو ته اڄ دنيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪرين جي جنگ عالمي برادري جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪرين جي جنگ ۾ ترڪيه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي سنجيده مسئلن کي ??نهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ??ڪ اسرندڙ ملڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ آهي، ا??هي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ا??ا ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ??و، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان ??الامال آهن، ا??هن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان ??اڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي ??ڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم ??يو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ ??ئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، ا??هي رات صدر رجب طيب اردوان ??ون کي ??ون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم ??يو ته ترڪيه انساني همدردي جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ ??ئي ته رجب طيب اردوان ??نهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان ??تاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو ترڪيه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪيو، ترڪيه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??نهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آهن، ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ ??ي تباهي ترڪيه جي عوام کي ڏکويل ڪيو، اسان ??نهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي امداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسان کي ??اڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگردي جي خطرن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خلاف متحد آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگردي جي خلاف اسان جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي انصاف ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي سرحدن کان ??اهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان ??ڌيڪ آهن، ا?? وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئي جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ??طرفو واپار 4 ارب ڊالر کان ??ڌي ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان ??نهنجي پاڪستان جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي ??ڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان ??اڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ??يوي جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، ا?? منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي ??بارڪباد ڏيان ??و. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان ??يازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ نيوي جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، ا??و هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي هو ترڪيه جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي ??بارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان ??اڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آهن، ا?? جي عڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ??يوي جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ??ه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو اهم منصوبو آهي جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان ??اڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ترقي کي ??ڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هي منصوبو وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي ??ضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آهي، ترڪيه جي دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيوي جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان کي ??قين آهي ته ملجم جهازن جي شموليت سان ??ومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئي جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي سان ??لائي دهشتگردي سميت سمورن خطرن جي خلاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ??ي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان ??زيراعظم ??ي تقريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ??و. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان ??وقعي تي موجود هئا.
پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات