اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ??ن??ين??ن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ??ن??ين??ن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ??ن??ين??ن ۾ توهان جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ڀائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سعودي عرب جي پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي هجڻ تي فخر آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ سعودي پارلياماني فرينڊشپ گر??پ جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پاڪستان جي اترئين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سعودي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪستان جي اترئين علائقن جي سير ڪن. سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تصور ڪري ٿو. پاڪستان جي عوام کان ملندڙ محبت سدائين ياد رهندي. سعودي عرب پاڪستان جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. پارلياماني سطح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سعودي پارلياماني فرينڊشپ گر??پ جي وچ ۾ مٽاسٽ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
سعودي پارليامينٽ جي چيئرمين جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر