اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جهڙن مرضن جي روڪٿام ۽ جلد تشخيص تي زور ڏيندي چيو آهي ته حياتي کسيندڙ بيمارين جي خلاف ماڻهن کي تيار ??رڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. سيمنز هيلٿينيئرز جي اهتمام هيٺ هڪ آگاهي پروگرام ۾ ورچوئل طور خطاب ڪندي هن پاڪستان جي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ کي عوام جي صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حياتي کسيندڙ بيمارين جي حملي جي خلاف ماڻهن کي تيار ??رڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جتي موت جي شرح وڌيڪ رهي ان جي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ ڪوويڊ 19 کي موثر ۽ ڪاميابي سان منهن ڏيڻ جو تجربو آهي. ڪوويڊ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ماڻهن حڪومت جي ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ??رڻ جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ ملڪ کي آخرڪار ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. صدر ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي موذي بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ صفائي يقيني بڻائين. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته مذهبي عالم سڳورا مسجدن ۾ پن??نج?? خطبن دوران حفظان صحت جي اهميت کي اجاگر ??رڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر عورتن جي صحت کي بريسٽ ڪينسر سان لاحق خطرن بابت آگاهي پيدا ??رڻ ۾ بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي دير سان تشخيص جا سبب ٻڌائيندي هن چيو ته عورتون ڪنهن به غيرمعمولي علامتن بابت معلومات شيئر ??رڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿيون جيڪو ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسڪريننگ ۾ دير جو سبب آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو جلد اسڪريننگ جي لاءِ وڃن ٿا انهن جي ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ جا امڪان 99 سيڪڙو آهن تنهن ڪري عورتن کي گهرجي ته اهي پن??نج?? اسڪريننگ ڪرائين. هن پاڪستان ۾ برين ڊرين طرف اشارو ڪندي چيو ته اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ عورتن جو هڪ وڏو انگ يا ته گهر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏي ٿو يا ٻاهرئين ملڪ بهتر موقعا ڳولڻ ۾ نڪري وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ پيشيور ماڻهن جي دستيابي جي کوٽ آهي. صدر چيو ته تعليمي ادارا عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ??رڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس ۾ مب??لا آهي. هن وڌيڪ چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي تعاون سان پاڪستان پوليو جو اٽڪل خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان افغانستان سرحد تي ڪجهه ڪيسز رپورٽ ٿيا. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجي جي اوزارن ۾ تيزي سان اڳڀرائي ڪيترين ئي بيمارين جي جلد تشخيص کي ممڪن بڻائي رهي آهي. هن ذهني مرضن جي علاج جي لاءِ بهتر انفراسٽرڪچر جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ نفسياتي ماهرن جو انگ گهٽ آهي ۽ آن لائين خدمتن جي ذريعي ماڻهن کي علاج جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ بيگم ثمينه علوي صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هيلٿ پريڪٽيشنرز ۾ ايوارڊ ورهايا. ناليواري اداڪاره ناديه جميل سميت ڪينسر کان بچي ويندڙ ڪيترن ئي ماڻهن پڻ ان موذي مرض سان پن??نج?? جدوجهد ۽ پن??نج?? صحتيابي بابت ٻڌايو. ان موقعي تي سيمنز جي نمائندن مريضن جي لاءِ بهتر تشخيصي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پن??نج?? ڪوششن تي روشني وڌي.
ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام ۽ جلد تشخيص جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ