اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ج?? لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آف??س پاران جاري بيان ??وجب اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران ??رڏيهي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ??شاورت ۾ مصروف آهي. بيان ??وجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران ??رڏيهي وزير انهن سان ??شاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان ??وجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان ??گران ??رڏيهي وزير او آءِ سي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي ج?? لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏن?? آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻيو ض??ور?? سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ج?? لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيان ??وجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ موجُود
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados