اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جنگي اخلاقيات تي دنيا پاران ٻٽي معيارن ۽ غزه ۾ ٻارن جي قتل جي عجيب ۽ غريب ۽ غيرحقيقي جواز کي رد ڪندي چيو آهي ته فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ جو مثال قرون وسطيٰ جي دور ۾ پڻ نٿو ملي. هو اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو موضوع ”اڀرندڙ عالمي ماحول: اسان ??ي مستقبل جي لاءِ رخ جو تعين“ هو. نگران وزيراعظم چيو ته ??سرائيلي فوج اسپتالن ۾ مريضن ۽ ڪمزورن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ٻارن جو قتل ڪري رهي آهي، اسرائيلي ٻارن جي موت جو حوالو ڏيندي اسرائيلي قدمن ۽ دفاع ڪندڙ ڪجهه سفارتڪارن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن ان ??ليل تي پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ??سرائيلي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪرڻو پوندو؟ هن چيو ته هيستائين 4700 ٻارن کي قتل ڪيو ويو آهي، هو پنهنج?? تسڪين جي لاءِ وڌيڪ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪندا. هن چيو ته ??ضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جي دعويدارن پاران فرعون جي نقش قدم تي هلندي معصوم ٻارن جو قتل عام ناقابل قبول آهي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به ٻار جو قتل مذمت جوڳو آهي. نگران وزيراعظم جي??و آءِ پي آر آءِ جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهي چ??و آهي، هن ڀارت سميت خطي جي ملڪن سان ??ابطن جي امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ڀارت سان واپاري رابطا قائم ڪرڻ کان ڪڏهن به پٺتي ناهي هٽيو جڏهن ته گڏيل فائدن جي لاءِ ٿيندڙ واپار خيرات نه هجڻ گهرجي. جڏهن ته هن چيو ته ??هڙي طرح جي رابطن کان ??ڳ، ڪشمير تڪرار تي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ??ن مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ موجوده ڀارتي حڪومت سان معمول جا لاڳاپا رکڻ هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڌيان ??و گهرجائو آهي ڇو ته واعدن ۽ گڏيل قومن جي ضمانتن جي باوجود ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ملي سگهيو، ان مسئلي کي التوا ۾ رکڻ ڪو حل نه آهي. ڀارتي سماج کي متاثر ڪندڙ هندوتوا نظريي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ??هڙيون پاليسيون تباهي جو نسخو آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جون پاڙون گهريون ۽ اهي ٻين قوميتن وانگر پاڪستاني آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي نان ??سٽيٽ ايڪٽرز جو چئلينج درپيش آهي پر ملڪ ڪنهن جي مدد کانسواءِ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت بڻجي اڀريو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ڪڏهن به تڪرارن کي هوا ناهي ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي زميني ۽ معدني وسيلن جي صلاحيتن مان فائدو کڻندي پنهنجي معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي جي توانائين کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??نساني وسيلن ۽ فني مهارت جي حوالي سان پاڪستان ۾ گهٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي. ماحول??ات?? تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ??هو هڪ جارحيت جي چئلينج کان ??ه وڌيڪ هڪ وجودي خطرو بڻجندو پيو وڃي ڇو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ڪجهه ننڍن تڪرارن کان ??ه وڌيڪ تباهي ڪئي آهي، ان چئلينج تي ڪو هڪ ملڪ اڪيلي سر ضابطو نٿو آڻي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??ڪومت قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ منصوبا جوڙي رهي آهي جنهن جي لاءِ عالمي هم آهنگي ۽ تعاون جي پڻ ضرورت آهي ڇو ته پاڪستان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڳالهه ٻولهه کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان کان ??ڳ آءِ پي آر آءِ جي صدر سفير رضا محمد ٻڌايو ته ڊائيلاگ ۾ ڇهه فورمز هئا. ان ??قريب ۾ آءِ پي آر آءِ جي تازي اشاعت ”ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ“ پڻ جاري ڪئي جنهن ۾ ڀارتي اقليتن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو ويو جن کي اتي هڪ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻو پيو. هن نگران وزيراعظم کي ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي پڻ پيش ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران جنگي اخلاقيات تي دنيا پاران ٻٽي معيارن ۽ غزه ۾ ٻارن جي قتل جي عجيب ۽ غريب ۽ غيرحقيقي جواز رد، فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ جو مثال قرون وسطيٰ جي دور ۾ پڻ نٿو ملي: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔