اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير زرعي شعبي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آه?? ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي ختم ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪيو پ??و وڃي. هو ڪسان ڪنويشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن ??يو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر اسان قائداعظم جي ٽن سنهري اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم کي وسارڻ سبب تنزلي جو شڪار ٿياسين. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته زراعت ۽ مال چارڻ نبوي پيشو رهيو آ??ي ڇاڪاڻ ته ان پيشي ۾ ڊسيپلين، تڪليف ، اوسر ۽ صبر شامل آه?? جن جي نتيجي ۾ تمام وڏا انعام ملندا آه??، پاڪستان جي باري ۾ افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن پر اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪلمي جي نالي تي ٻه ئي رياستون قائم ٿيون، رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان، هي رڳو اتفاق ناهي. هن ??يو ته پاڪستان وسيلن سان مالا مال آه??، پاڪستان وٽ گليشيئرز، درياءَ، جبل، سمنڊ ۽ زرخيز زمين آه?? جنهن مان دنيا جو بهترين چانور، ڪينو ۽ انبن جهڙا ميوا، گرينائيٽ، سون ۽ ٽامي جهڙا خزانا موجود آه??. هن ??يو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو جو مقصد اهو ئي آه?? ته اسان کي سڀ کان پهرين زراعت تي ڪم ڪرڻو آه??، گرين پاڪستان انيشيٽو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن ڏانهن ويندو جڏهن به باقي حصو آبادگارن ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رک??و ويندو. فوج جو ان ۾ رول صرف عوام ۽ آبادگارن جي خدمت آه??. آرمي چيف چيو ته سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون. آسان زرعي قرضن، ڪولڊ اسٽوريج جي چين، موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ ٻج ۽ جينيٽڪلي انجنيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي فراهمي کي يقيني بڻا??و ويندو، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي سزا ڏينداسين، هن ??يو ته سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪري ڪوڙين خبرن ذريعي اهو تاثر ڏنو پ??و وڃي ته رياست پنهنجو وجود وڃائيندي پئي وڃي. آرمي چيف جي خطاب دوران آبادگار بار بار نعره تڪبير ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳائيندا رهيا. ڪسان ڪنوينشن دوران آبادگارن جي پاڪ فوج زنده باد جا به نعرا هنيا ويا.
سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي ختم ڪنداسين: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ