اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪ??و آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان ۾ ترجمان چ??و آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو و??و آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊيوز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز ??ي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران معلومات لاءِ صرف اليڪشن ڪميشن مان جاري ڪيل آگاهي وڊيوز م??ن فائدو کڻڻ گهرجي يا ??نه?? شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ??يل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.
اليڪشن ڪميشن سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر