واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو ??هي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن جي دوري دوران فرانس جي خابرو ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو. هن چيو ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ڊالرن جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگرام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ڊالرن جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان ??هي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي ماليت جي قرض پروگرام جي حو??لي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل هونديون. هن چيو ته گذريل سال جي ابتڙ هن سال پاڪستان جي معيشت جي شروعات سٺي ٿ?? آهي، آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام جي امڪانن سان ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئ?? آهي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جي پروگرام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچي وار سڌارن جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان پروگرام جي ضرورت ??هي. هن چيو ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تائين آءِ ايم ايف پروگرام بابت بنيادي معاملن کي طئي ڪرڻ تائين پهچي وينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀ??ئيوار آهي، آمريڪا هميشه خاص طور تي سيڙپڪاري جي حو??لي سان پاڪستان جي مدد ڪئ?? آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ان تحت چين بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئ?? آهي. هن چيو ته واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگرام جي سوال تي هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حو??لي سان اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪاني واڪ ڏيندڙن جي دلچسپي جي حو??لي سان معلومات ملي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان عمل کي جون جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي. ايندڙ ٻن سالن ۾ نجڪاري جي پروگرام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري ت?? آهي.
اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ آءِ ايم ايف سان اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪيون آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن