م??تا?? – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا ??يل??ني سان م??تا?? ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا ??يل??ني جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وقتي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس م??تا?? راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي صدر آصف م??يد?? چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم ??يل??ني جي ڪاميابي تي يوسف رضا ??يل??ني کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي صدر سيد يوسف رضا ??يل??ني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي م??تا?? ايئرپورٽ پهتو ته م??تا?? سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر ??يل??ني?? علي قاسم ??يل??ني?? صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر ??يل??ني?? ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رب??ني?? ڪمشنر م??تا?? مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رض??ان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ