بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پرتڪلف مان??ها??دو ڏنو، چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪئي جنهن ۾ گرمجوش ڀائراڻن لاڳاپن جي جهلڪ واضح رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ڀائراڻن جذبن ۽ شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته چين عظيم ۽ قابل اعتماد ڀاءُ آهي، چين جي ترقي تي هر پا??ست??ني کي فخر آهي. چين جي وزيراعظم چيو ته توهان جي جذبي، ڪم جي رفتار ۽ وچن جي پاسداري کان تمام گهڻو متاثر آهيان. ان موقعي تي پا??ست??ني ملي نغمن جي ڌُنن مان??ها??دي جي فضا کي پاڪ چين دوستي جي رنگن جي قوسِ قزاح بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيا??گ سان گڏ مان??ها??دي ۾ آيو ته چين جي فوج جي بينڊ پا??ست??ني ملي نغمن جون ڌُنون وڄائڻ شروع ڪيون. ”دل دل پا??ست??ن“، ”دل سي مين ني ديکا پا??ست??ن، جان سي ميرا ڌرتي په ايمان“، ”مين ڀي پا??ست??ن هون تو ڀي پا??ست??ن هي“، ”جيوي جيوي پا??ست??ن“ جون ڌُنون وڄايون ويون. ٻنهي وزيراعظمن مسڪراهٽن ۽ تاڙيون وڄائي داد ڏني. ان موقعي تي مان??ها??دي ۾ شريڪ پا??ست??ني وفد جي ميمبرن ڀرپور تاڙين سان بينڊ کي داد ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران پرتڪلف مانجهاندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر