اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي امتحانن ۾ دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيا?? ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? چيو ته دانش اسڪول ميانوالي جي محمد آيا?? ڪاشف بورڊ جي امتحان ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت مڃرائي آهي. محمد آيان، سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دانش اسڪول جون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بورڊ امتحان ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزي??ن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزي??ن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عب??را اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.
وزيراعظم پاران لاهور بورڊ جي امتحانن ۾ دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر ماڻڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس