اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين ??ي وزيراعظم لي چيانگ نيو گوادر ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح ڪندي قرار ڏنو آهي ته گوادر نه رڳو علائقائي ترقي جو محور پر پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي ??يثيت رکي ٿو، گڏيل مستقبل ۽ گهڻ رُخي ترقي جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ??ڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ صنعت، زراعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اهي ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ نئين ??اب جو اضافو آهي، چيني وزيراعظم ج?? پاڪستان جي ??وري تي سندس ٿورائتا آهيون، سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ جي ??زم ج?? ورجاءُ آهي، اسان ملاقات دوران لاڀائتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي ??رقي جي لاءِ چين ??ي پخت?? عزم جا معترف آهيون، صدر شي جن پنگ، چيني عوام ج?? گوادر ايئرپورٽ جو تحفو ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان جي معاشي ترقي جي ??يجنڊا ۽ پٺتي پيل علائقن جي ??رقي سميت ٻين ??عبن ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، گوادر ايئرپورٽ سان نه رڳو گوادر پر پورو ملڪ ترقي ڪندو، سي پيڪ تحت ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويو، يقين ڏياريان ٿو ته نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد پر چين ۽ پاڪستان جي ??وام جي ??من ۽ سلامتي جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندس.
هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي ??ڪميل جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز جي ??ڻٿڪ ڪوششن سان اهو عالمي معيار جو منصوبو مڪمل ٿيو، چين پاران پاڪستان جي لاءِ اهو يادگار تحفو سدائين ي??د رهندو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.