اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪستا?? جي معيشت کي عالمي معيشت سان مربوط ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جا موقعا دستياب ٿيندا، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي تي هاڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو ميمبر هجڻ ۽ ا?? جي اجلاس?? جي ميزباني ??رڻ پاڪستا?? جي معيشت تي ڪيترائي مثبت اثر وجهي سگهن ٿا.ايس ??ي او اهم علائقائي تنظيم آهي جنه?? جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت ۽ مرڪزي ايشيائي رياستون شامل آهن، جيڪي عالمي معيشتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس ??ي او جي پليٽ فارم تي توانائي جي شعبي م سهڪار کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي، جيئن ته گئس ۽ تيل جي معاهدا جن سان پاڪستا?? جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ??رڻ ۾ مدد ملندي. هنن چيو ته ايس ??ي او ذريعي پاڪستان کي علائقائي رابطي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن ته روڊ، ريلويز ۽ بندرگاه?? جي تعمير جهڙا منصوبا واپاري اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهن ٿا ۽ علائقائي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪستان جي معيشت کي عالمي معيشت سان مربوط ڪرڻ جا موقعا دستياب ٿيندا: اقتصادي ماهر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام