اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي ??ڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي ??يم) جي ??جلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ??والي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي بنهي اڳواڻن گڏيل مفادن لاءِ س??ورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز ٻه طرفا واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي ??ابطن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي ??وثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ??لڪ گڏيل ورا??ت ۽ گڏيل اخلاقيات ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اثرائتي گهڻ رخي، جمهوري ۽ انساني عزت ۽ وقار کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل مفاد رکن ٿا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری