دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي دل جي گهراين سان ڏياريءَ جي مبارڪب??د ڏيندي چيو آهي ته اُميد آهي ته روشنين جو هي ڏڻ سڀني جي لاءِ خوشي، امن ۽ خوشحالي آڻي??دو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏياريءَ جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي دل جي گهراين سان مبارڪب??د ڏيان ٿو. هن چيو ته روشنين جو هي ڏڻ سڀني جي لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي. وزيراعظم چيو ته اچو اسان گڏجي اتحاد سان جشن ملهايون ۽ انهن رشتن کي مضبوط ڪندا رهون جيڪي اسان جي قوم کي مضبوط بڻائين ٿا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز