اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪنٽينر تي بيهي رڳو نعرن ۽ پٽڪا لاهڻ سان نه پر عوام جي خدمت جي ذريعي ملڪ کي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪري پاڪستان کي حقيقي طور تي بدلائي رهيا آهيون. مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هو ڪار??نن سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو ۽ اهي ئي سندس بي پناهه جو پيار جو اندازو لڳائي سگهن ٿا، جيڪي سندس دلين ۾ ڏسي سگهن. هن ڪار??نن کي چيو ته هو پارٽي جو سرمايو آهن ۽ انهن جو تمام اهم ڪردار آهي، پارٽي ڪارڪن عهديدارن کان به بلند هوندا آهن، هن چيو ته ڪار??نن جي محبت منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، مسلم ليگ (ن) جا ڪار??نن مون کي 30. سالن کان چونڊيندا پيا اچن، ان تي انهن وٽ ڪار??نن جو ٿورو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن، هن چيو ته آئون ڪار??نن جي محبت سبب بار بار پارٽي جو صدر چونڊجي رهيو آهيان ۽ مان هميشه ان جي اميدن تي ??ورو لهڻ جي ڪوشش ??ئي آهي.
پاڪستان کي حقيقي طور تي بدلائي رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا