دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن اسرائيل طرفان غزه ۾ عالمي قانونن جي کليل خلا?? ورزي جي مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جائزو و??ندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. العريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿيل جي سي سي جي 44 هين سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو و??و آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني قانونن جي به کليل خلا?? ورزي آهي، جي سي سي ملڪ غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪ??ئونسل جي ميمبرن اسرائيل جي غزه ۾ جاري فوجي ڪ??رروائي جي مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف کليل جارحيت تي خدشن جو اظهار ڪيو و??و ۽ عزه ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو و??و ته غ??ه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪيو و??و.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania