گڏيل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي ف??ڊ ايجنسي و??لڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ اسرائيلي ف??ج طرفان ملٽري چيڪ پوائنٽ ويجهو فائرنگ ?? گاڏي کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ پنهنجي عملي جي چرپر کي ٻئي حڪم تائين معطل ڪري رهيا آهيون. ڊبليو ايف پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سنڊي ميڪ ڪين ڪالهه اٽلي جي گادي و??ري شهر روم مان جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي ف??ج جي فائرنگ ?? اداري جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جو واقعو مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي جنهن غزه ۾ ڊبليو ايف پي جي ٽيم جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن اسرائيلي عملدارن ۽ تڪرار جي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ سمورن امدادي ڪارڪنن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. ڊبليو ايف پي چيو ته حملي ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو. ڪالهوڪي و??قعي مان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده ڊي ڪنفليڪشن سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي ?? اهو وڌيڪ نٿو هلي سگهي. گڏيل قومن جي و??لڊ فوڊ پروگرام جي ٽيم اڱاري جي رات هڪ مشن سان اداري جي ٻن بڪتر بند گاڏين سان غزه جي مرڪزي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي قافلي کي وٺي و??پس اچي رهي هئي ته اسرائيلي ف??ج گاڏي کي سڌي ريت فائرنگ جو نشانو بڻايو جڏهن ته گاڏي چيڪ پوائنٽ طرف وڌي رهي هئي، وادي غزه پل تي ان چوڪي کان رڳو ڪجهه ميٽر جي فاصلي تي ڊبليو ايف پي اط??اع ڏنو ته گاڏي تي گهٽ ۾ گهٽ 10 گوليون فائر ڪيون ويون، گڏيل قومن جي ف??ڊ ايجنسي چيو ته غزه پهرين ئي نازڪ صورتحال محدود وسيلن ۽ وڌندڙ خطرن سبب وڌي و??ي آهي، جنهن سبب فلسطينين کي خوراڪ جي فراهمي گهٽ ٿي رهي آهي. ڊبليو ايف پي موجب انساني همدري جا ڪارڪن تيزي سان اسرائيلي ف??جي ڪاررواين جي زد ۾ اچي رهيا آهن ۽ کين غزه ۾ زندگي بچائيندڙ امداد پهچائڻ لاءِ ڪيترائي چئلينج درپيش آهن.
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام غزه ۾ امدادي آپريشنز معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز