اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي، جن??ن جي لاءِ خصوصي قدم اڻٽر آهن، ان سلسلي ۾ رياست جا مختلف ادارا، سرڪاري ذميدار، ميڊيا ۽ تعليم جو شعبو اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهي ٿو، تعليم کي فروغ ڏئي دهشتگردي جي لاءِ مذهب جي استعمال جو رستو روڪي سگهجي ٿو. صدر اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ جمعي ڏينهن نيشنل سيڪيورٽي ۽ وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي سلامتي کي درپيش خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم تجويزن تي مشتمل بريفنگ ڏني وئي، گريجوئيشن تقريب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ا??سن اقبال، سينيٽر مشاهد حسين سيد، پارليامينٽ جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيف?? آف اسٽاف ڪميٽي جنر?? زبير محمود حيات ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک