اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته معاشري جي غريب طبقن جي خدمت موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ وزيراعظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم جي دائري ڪار کي توسيع ڏيڻ ۽ ??ن مقصد لا??ِ وڌ کان وڌ مالياتي وسيلا مختص ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم (پي ايم آءِ ايف ايل) تي اڳڀرائي لا??ِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ پي ايم آءِ ايف ايل جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري فنڊ (پي پي اي ايف) جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر قاضي عظمت عيسيٰ، سيمي صدف ڪمال ۽ سينئ?? عملدارن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار