سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام رد ڪيو ??هي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آ??ن، ٻانهون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عوام جي سامهون بي ن??اب ٿيڻ وڃي رهيا آ??ن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عوام جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏهن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي ??هي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطيفا ٻڌائيندو رهندو آهي.
مولانا ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا