اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏک?? ايشيا جي عوام جي زندگين ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏک?? ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متحرڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته جيئن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هتي ايوان صدر ۾ ني??ال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئلن تي ٻڌل لاڳاپن جي ڪري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا د??پيش آهن، هن چيو ته ڀارت پاران غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻين اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری