اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت بلتستان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت بلتستان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪري نه پر ات??ن جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو آهي، گلگت بلتستان پاڪست??ن جو معاشي بيس ڪئمپ ??ابت ٿيندو، گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جون چونڊون 15 نومبر 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پاڪستان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جا??ي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا: شبلي فراز/ علي امين گنڊاپور
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔