اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي ??ثاثو آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي ??عتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي ??عبن تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب سان مالي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لاءِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لاءِ 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري سهولتن لاءِ شناختي د??تاويزن جي تياري، ضروري شين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ??ه ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي ??ثاثو آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي ??عتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ??يل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ??ه منصوبي جي ڪڙي نگراني لاءِ لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ