اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو بيواهه کي گهٽ پينشن ڏيڻ جو فيصلو رد ڪندي اي او بي آءِ کي 2017ع ۾ مڙس جي وفات جي تاريخ کان بيواهه کي پينشن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اها هدايت شڪايت ڪندڙ جي فوري دادرسي تي جاري ڪئي وئي، لاهور جي شهري عارف محمود جي بيواهه عائشه عارف 25 نومبر 2020ع تي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جنهن ۾ هن اي او بي آءِ کان 6 مهينن جي رهتن ??ي ادائيگي سان گڏ پينشن جي منظوري جي فيصلي کي برقرار رکيو، صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ) جي هدايت موجب، انهي حڪم جي تعميل ڄاڻايل حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تي ٿي، صدر هڪ حڪم ۾ قرار ڏنو ته 1976?? جي ايڪٽ جي شق بي 22 جيڪا سروائيوز پينشن بابت آهي ان تحت زنده رهندڙ شريڪ حيات پينشن جو حقدار آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهو ايڪٽ جي سيڪشن 22(3) جي ط??ح حقدار کي ڪٿي به نٿو روڪي يا محدود نٿو ڪري، جيتوڻيڪ سيڪشن 22 بي صرف زنده رهندڙ گهرواريءَ جي پينشن بابت آهي ۽ اهو آزاداڻي طور تي ڪم ڪندو آهي، حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلمان جي وفات تي وراثت ۽ ٻيا سمورا حق لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهڙي ط??ح ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1976?? جي سيڪشن 22 بي ۽ عا?? اصولن جي پيش نظر، اهو ظاهر آهي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي مڙس جي وفات جي تاريخ کان پينشن جي حقدار آهي، وفاقي محتسب ان اهم رخ کي نظرانداز ڪندي ناقابل دفاع بنيادن تي درخواست ڪندڙ جي درخواست رد ڪئي، وفاقي محتسب 29 سيپٽمبر 2017ع تي پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ شڪايت ڪندڙ کي پينشن رهتون ڏيڻ جي خلاف ايجنسي جي فيصلي کي برقرار رکيو، محتسب پنهنجي حڪم ۾، پي او جي آرٽيڪل 2 (2) جي لحاظ کان ايجنسي جي ط??فان ڪا به خراب انتظاميه نه ڏٺي، نمبر 1983 ۽ شڪايت کي وفاق محتسب (شڪايتن ??ي جاچ ۽ اڪلائڻ) جي ضابطي 2013 جي ضابطي 23 (3) موجب رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي مڙس کي پنهنجي وفات تائين اي او بي آءِ کان پينشن ملي رهي هئي، شڪايت ڪندڙ (بيواهه) پسماندگان جي پينشن جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ايجنسي پهرين فيبروري 2019ع کان صرف 6 مهينن جي رهتن ??ي ادائيگي سان منظوري ڏني هئي، صدر اي او بي آءِ کي بيواهه کي 29 سيپٽمبر 2017ع کان سموريون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
صدر پاران وفاقي محتسب جو بيواهه کي گهٽ پينشن ڏيڻ جو فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ