اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ٿرپارڪر سنڌ جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران تاريخي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا پاورت پلانٽ منصوبن جو افتتاح ڪندو. ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ ??نه?? منصوبن سان ساليانو 11.24 ارب رپيا گهٽ لاڳت بجلي جا يونٽ پيدا ٿيندا. 3.53 ارب ڊالر جي م??موعي سڌوسنئون سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ ??نه?? منصوبن جي افتتاح سان ٿر جي ڪوئلي سان بجلي جي موجوده پيداوار وڌا??ي 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. گذريل چئن سالن ۾ ??نه?? منصوبن کي تعطل جو شڪار رکيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت ت?? ??نه?? منصوبن جي پڄاڻي کي اولين ترجيح بڻايو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری