اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٻطرف?? سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان باڪو ۾ آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير النور ممدوف سان پاڪستان آذربائيجان ٻطرف?? سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پرڏيه?? سيڪريٽري آذربائيجان جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرف?? سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياح??، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرف?? سياسي مشاورت جي باضابطا ش??وع??ت بابت هڪ م??اهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم