اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام اڳوڻي وزيراعظم م??ترمه بينظير ڀٽو شهيد جو ويزن هو، ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، بي آءِ ايس پي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري، مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم جي صلاحڪار کانسواءِ غيرملڪي سفير، سماجي تنظيمن جا نمائندا ۽ سرڪاري آفيسرن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته بي آءِ ايس پي کي شازيه مري ۽ سندس ٽيم جهڙي طرح هلايو، اطمينان جوڳو ۽ ساراهه جوڳو آهي. ان پروگرام ۾ ڪيتريون ئي نيون شيون شامل ڪيون ويون آهن، ان کي وڌيڪ شفاف بڻايو ويو آهي ۽ توسيع ڏني وئي آهي. ان پروگرام کي حڪومت جو پورو تعاون حاصل هو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، جنهن کانپوءِ اتحادي حڪومت جا سمورا اڳواڻ متاثر علائقن ۾ پهتا، هر طرف تباهي نظر اچي رهي هئي، جن مشڪل حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي، اسان کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ وڏي ۽ مشڪل درپيش هئي، ملڪ جي چئني صوبن سميت هڪ وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا. بي آءِ ايس پي تحت 70 ارب رپيا متاثرين ۾ انتهائي شفاف طريقي سان ورهايا ويا. دوست ملڪن ۽ ٻين ذريعن کان جيڪا امداد ملي اها ان کانسواءِ هئي، صوبن به پنهنجي وسيلن مان ان ۾ حصو وڌو، 18 – 20 ارب رپيا اين ڊي ايم اي فراهم ڪيا. هن چيو ته ٻوڏ جون تباهيون ۽ اثر اڄ به هر طرف پکڙيل نظر اچن ٿا. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ حڪومت وڌيڪ جيڪو به ڪندي اهو گهٽ هوندو. وزيراعظم چيو ته بي آءِ ايس پي تحت تعليمي وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن پر اهي تعليمي وظيفا تعليمي سفر جاري رهڻ سان مشروط هجڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته بي آءِ ايس پي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جو ويزن هو، ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان پروگرام جي لاءِ ٻاهرئين معاونت تي دوست ملڪن ۽ سفارتڪارن جا ٿو??ا مڃيندي چيو ته ان پروگرام جي لاءِ جيتري به مدد فراهم ڪئي وڃي گهٽ آهي، ان تحت اسان پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ معاشري جي ضر??رت??ند طبقن جي مدد جي قابل بڻجي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام جو مقصد ماڻهن ۾ خيرات ورهائڻ نه پر انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻو آهي. وزيراعظم آءِ ايم ايف سان معاهدي جي لاءِ مدد فراهم ڪندڙ دوست ملڪن جا به ٿو??ا مڃيا. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو ته بي سهارا ع??رت?? کي بااختيار بڻائڻ بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام جو خواب هو، پروگرام م??ن فائدو کڻندڙ ع??رت?? کي بنا ڪنهن فرق جي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام تحت تعليمي وظيفن جو سلسلو به شروع ڪري رهيا آهيون، سڄي ملڪ ۾ نشونما پروگرام سان مستحق ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي وئي. کدڙن فقيرن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي آءِ ايس پي تحت امداد جي فراهمي ڪئي وئي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو ويزن هو، ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت