اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) ص??ر مملڪت ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪ فوج جي شهيدن جي خاندانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان ص??ر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق ص??ر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي 2 جولاءِ تي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي باقر جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سپاهي گل رئوف جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. ص??ر مملڪت شهيدن ۽ سنهن جي خاندانن جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ص??ر مملڪت شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن لاءِ درجن جي بلندي ۽ وار??ن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر