اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ ا??وا?? حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطل??عا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته حافظ حمدالله تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، بيگناهه شهرين ۽ ملڪ جي سياسي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو فعل آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطل??عا?? واري نگران وفاقي وزير ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا