نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان روس جي اطلاعات وا??ي نائب وزير بيلا چريڪسووا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي روس سان گڏيل پروڊڪشن ۽ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي روس جي اطلاعات وا??ي نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي روس جي اطلاعات وا??ي نائب وزير چيو ته روس پاڪستان سان ميڊيا کانسواءِ به زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روس ۾ پاڪستاني ڊرا??ن کي خاص مقبوليت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊرامن ۽ ٻي پروڊڪشن جي ??ٽا??ٽا تي پڻ غور ڪيو ويو. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خطي جي امن جي لاءِ روس جي خدمتن کي ساراهيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان روس جي اطلاعات واري نائب وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک