اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قوم پ??ران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ??ولهه ڪندي ??يو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قوم شهيدن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سندا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ??ولهه ڪئي. صدر عارف علوي نائيڪ خوشدل خان، لا??س نائيڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران?? بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان علي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria