اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ??ي ماڻ??ن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ??ي وڏي وزير گلبر خان ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان ??فصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ وفاقي حڪومت پاران ??طا آباد ۽ هارپو ۾ پن بجلي جي ٻن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن منصوبن جي تڪميل سان گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نلتر ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ترقي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان ??ڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم گلگت بلتستان کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪميٽي گلگت بلتستان کي درپيش سمورن مسئلن تي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري، گلگت بلتستان ??ي ماڻ??ن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ غريب ۽ لاچار خاندانن سان ??علق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ دا??ش اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون. دا??ش اسڪول ٻارن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ رهائش جي سهولت پڻ فراهم ڪندا. وزيراعظم هداي ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن ۽ گلگت بلتستان ??ي ٽنهي ڊويزنن ۾ دا??ش اسڪول تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ عطا آباد ۽ هارپو پن بجلي منصوبي جي تڪميل تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان ??ڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي.
گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha