رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گي??س سان ملاقات ڪئي، بل گي??س پنجاب ۾ بطور وڏ?? وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽُڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز جي پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان ۽ گي??س فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گي??س سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گي??س سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن جو عنوان ”عالمي صحت جي ايجنڊا جي نئين وصف“ هو. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گي??س جي مبارڪباد واري خط تي سندس ٿورا مڃيا. پنهنجي حڪومت جي اڳوڻي دور دوران بل گي??س سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ گي??س فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گي??س سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ اڻٿڪ محن?? ڪري رهيا آهيون. هن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ پراڻي تعاون تي بي ايم جي ايف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پوليو کان پاڪ پ??ڪستان جي حتمي مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ سمورن حصيدارن پاران مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. بلگ يٽس پنجاب ۾ بطور وڏ?? وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽيڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز عمل کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني. بل گي??س پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو جو خاتمو مستقبل جي نسلن کي هن موذي مرض کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ۽ بل گي??س پاڪستان ۽ فائونڊيشن جي وچ ۾ حفاظتي ٽُڪن، غذائيت ۽ ما??يا??ي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته گي??س فائونڊيشن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي ۽ آءِ ٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري ٿو. فيبروري 2022ع جي مسٽر گي??س جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي، وزيراعظم کيس پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II