اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ سان هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، عالمي برادري کي فلسطينين ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پن??نج?? ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غزه ۽ رفح ۾ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن ۽ ڏاڍ جي حوالي سان خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل 8 مهينن کان اسرائيلي حڪومت غزه ۾ ڏاڍ ۽ بدترين وحشياڻو ظلم ڪر?? رهي آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته هيستائين اٽڪل 36 هزار فلسطيني مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون شامل آهن، مائرن جا لخت جگر کسجي ويا، نوجوانن ۽ والدين کي شهيد ڪيو ويو، 8 مهينن کانپوءِ به اڄ اسرائيل جي رت جي اُڃ ختم ناهي ٿي، غزه سان گڏ رفح ۾ حملا شروع ٿي چڪا آهن، ٻارن سميت بزرگن، مائرن ۽ ڀينرن کي ڏينهن رات شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ هزارين گهر مسمات ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ستم ظريفي اها آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي پائمال ڪيو پيو وڃي، دنيا جي ڪا طاقت اسرائيل کي ان جي ظلمن کان نٿي روڪي سگهي، اتي جيڪا رت جي راند کيڏي پئي وڃي اهو سڀ ڪجهه اڄ تائين نه ڏٺو هو، اسلامي دنيا اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ تي او آءِ سي ۾ ڀرپور آواز اٿار?? رهي آهي، ان حوالي سان سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ڀرپور آواز اٿار?? رهيو آهي، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ٻيا ملڪ به پن??نج?? ڪردار ادا ڪر?? رهيا آهن، اسپين، ناروي، آئرلينڊ سميت يورپي ملڪن جا ٿوراتا آهيون جن ان ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف فلسطين جي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڀرپور تائيدڪ ئي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آهي، مون ناروي ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظم کي پاڻ ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ پن??نج?? حڪومت ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين پاران ٿورا ادا ڪيا ڇو ته اهي فلسيني عوام جي لاءِ اٿي بيٺا آهن ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، مون کي يقين آهي ته ان سان ٻين ملڪن کي حوصلو ملندو ۽ اهي ان ٽن يورپي ملڪن وانگر آواز سان گڏ پن??نج?? آواز ملائيندي ه?? آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ آواز اٿاريندا ۽ ڪ??ششون ڪندا، دعا آهي ته غزه ۾ جيڪي ظلم جا جبل ڪيرايا پيا وڃن انهن جو جلد خاتمو ٿئي ۽ فلسطيني عوام جنهن مشڪل ۾ زندگي گذار?? رهي آهي انهن جي جلد کان جلد گهرن ۾ آباد ٿيڻ جي لاءِ دعاڳو آهيون ۽ رياست فلسطين جو جلد کان جلد وجود عمل ۾ اچي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريندو رهندس، عوام جي سوچ جي عڪاسي ڪندي مطالبو ڪريان ٿو ته انهن ٻنهي مظلوم قومن کي انهن جو حق ڏيارڻ جي لاءِ عالمي طاقتون پن??نج?? ڪردا ادا ڪن.
اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ سان هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II