اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم جي علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال ??ربانيون آهن، کين خراج تحسين پ??ش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ مان جاري بيان مو??ب وزيراعظم ان دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪار کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال ??ربانيون آهن. هن چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي فرض شناسيءَ تي مون سميت پوري قوم کين خراج تحسين پ??ش ڪري ٿي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪرم واري علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha