اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي ل??ءِ ??ڪم?? عملي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ??ڪم?? عملي تيار ڪري ۽ سمورا لاڳاپيل ا??ارا ان حوالي سان گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي ??عبي جي سڌارن تي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ا??ليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي آءِ ٽي ??عبي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي ل??ءِ هر شعبي جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي آءِ ٽي شعبي کي ترجيح بڻائڻ جي ويزن جي نتيجي ۾ گذريل چئن مهينن ۾ آءِ ٽي ??عبي جي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اي گورننس جي حوالي سان پاڪستان عالمي رينڪنگ ۾ 14 درجا بهتر ٿيو، 2500 ??يو?? آءِ ٽي ڪمپ??يو?? رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته پاڪستان جي آءِ ٽي ??ينڪنگ 79 مان بهتر ٿي 40 ٿي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي ??عبي جي روانگي واپار جي حوالي سان 15 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام روانگي واپار سان 1 ارب ڊالر جڏهن ته ڊيجيٽائيزيشن سان 10 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي آءِ ٽي ??عبي جي روانگي واپار جي موجوده صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي تجويز ڪيل ليبر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن تحت صنعتن کان طلب جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ کانپوءِ تعليمي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي صلاحيت وڌائي روزگار جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي آءِ ٽي ??عبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن خاص طور تي فري ل??نسرز کي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ سهولت جي ل??ءِ تجويز ڪيل منصوبي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ باصلاحيت افرادي قوت ۽ وسيلن جي کوٽ نه آهي. وسيلن جي بهتر استعمال ۽ افرادي قوت کي تعليم ۽ تربيت جي ذريعي پاڪستان جو آءِ ٽي ??وانگي واپار 25 ڊالر کان به وڌي سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي ??عبي جي سڌارن جي پيش ڪيل ??ڪم?? عملي بهترين آهي، ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. آءِ ٽي ??وانگي واپار ۾ اضافي جي ل??ءِ پيش ڪيل سڌارن جي راهه ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ سمورا ادارا گڏجي تعاون ڪن. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ??عبي جي سڌارن تي عملدرآمد جي آئون پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت ۽ هنر ڏيڻ جي ل??ءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ ??ڪم?? عملي تيار ڪري. پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن جي نار ملڪن ۾ طلب موجود آهي، ان حوالي سان پڻ تجويزن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي. وزيراعظم آءِ ٽي ??وانگي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان واضح هدف جوڙڻ ۽ هر قدم جي حوالي سان مدي جي تعين جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي ??عبي جي سڌارن جي ل??ڳو ۽ مختلف ادارن سان تعاون جي فروغ جي ل??ءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم عالمي پيمنٽ گيٽ ويز جي حوالي سان ان قدم کي بهتر قرار ڏيندي ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان سڌارن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آءِ ٽي ??عبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي ??ڪم?? عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم مقرر مدي ۾ ان تي عملدرآمد جي هدايت پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : quina acumulada