گڏيل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ميرو سلاوجينڪا قبرص جي صد?? نيڪوس ڪرسٽو ڊولائڊس ۽ ترڪ قبرص اڳواڻ ا??رسن تاتار سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن جو مقصد تعطل جو شڪار قبرص امن ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي. چين جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي هدايت تي يورپ، وچ ايشيا ۽ آمريڪا لاءِ گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل قبرص جي صد?? ۽ ترڪ قبرصي اڳواڻ سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. قبرص جي صد?? سان ملاقات بع?? اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻيٽ جي صورتحال تي پورو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته مون قبرص جي صد?? سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل قبرص جي مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ مدد ڪندس. ايرسن تاتار سان ملاقات بع?? اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ گڏيل طور تي سمورن ماڻهن جي فائدي لاءِ امن ڳالهيون بحال ٿينديون.
گڏيل قومون قبرص امن ڳالهيون بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ن آهن: ميرو سلاوجينڪا
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina