مدينو پاڪ- 25 جنوري (اي پي پي) م??جد نبوي ۾ زائرين جي عبادت جي سڪون ۽ اطمينان جي انتظامن لاءِ 25 هزار قالينون وڇايون ويون آهن. اردو نيوز جي رپورٽ مطابق م??جد نبوي جي انتظاميا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته قالين??ن م??جد نبوي، ان جي صحن ۽ ڇت واري حصي تي وڇايون ويون آهن. قالينن کي روزانو سينيٽائيزر ۽ اعليٰ درجي جي خوشبوئن سان معطر ڪيو ويندو آهي ته جيئن نمازي معطر ماحول ۾ عبادت ڪري سگهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته م??جد نبوي جون قالينون ٿلهيون ، پائيدار ۽ پختي رنگ واريون آهن جيڪي بار بار ڌوئڻ سان به خراب ناهين ٿينديون. واضح رهي ته م??جد نبوي جي هر قالين ۾ هڪ چپ لڳ?? هوندي آهي جنهن کي آر ايف آءِ ڊي جي مدد سان پڙهي سگه??ي ٿو. ان چپ ۾ قالين جي حوالي سان سموري معلومات لکيل هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado