واشنگٽن- 02 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا انتهاپسند يهودي آبادڪارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي اوله??دي ڪناري ۾ فلسطينن خلاف پُرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث ??هن. العربيه اردو موجب پابندين بابت آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته انتهاپسند يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جي پهرين مرحلي ۾ 4 ماڻهن خلاف لاڳو ڪيون وينديون، انهن جي آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي ??لاڪ ڪيو ويندو ۽ هو آمريڪين سان مالي ڏي وٺ نه ڪري سگهندا. ان لاءِ آمريڪي ويزائون جاري ڪرڻ تي به پاب??دي لاڳو هوندي. 4 يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان شروعاتي طور تي رڳو هڪ علامتي ڪارروائي نظر اي??دي آهي. اسرائيلي وزيراعظم ??يت?? ياهو انهن آمريڪي پابندين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اوله??دي ڪناري ۾ آمريڪي پابندين جي ڪا به گنجائش ۽ جواز نا??ي، اسرائيل هر قانون ٽوڙيندڙ خلاف پاڻ قدم کڻي ٿو ۽ ان لاءِ آمريڪي پابندين جو ان سلسلي ۾ ڪو جواز نا??ي ته هو اهڙي طرح جا غير معمولي قدم کڻي. اوله??دي ڪناري ۾ 4 يهودي آبادڪارن تي پابندين جو هي فيصلو ان وقت ڪرڻو پيو جڏهن صدر جوبائيڊن آمريڪي رياست مشي گن جو دورو ڪيو ۽ کيس اتي جي عرب ڄاون آمريڪين طرفان سخت رد عمل کي منهن ڏسڻو پيو جيڪي اسرائيل جي باري ۾ آمريڪي پالسين جا مخالف آهن. مشن گن رياست جي شهر ڊيٽراوٽ جي ميئر به آمريڪي صدر کي ??خت تنقيد جو نشانو بڻايو.
آمريڪا پاران اولهندي ڪناري ۾ پرُتشدد ڪاررواين ۾ ملوث يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش