ٽوڪيو _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي عالمي هوائي اڏ?? ??ي ڪارگو جهاز جي هنگامي لينڊنگ سبب بند ڪيو ويو. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن ايٽلس ايئر جو لاس اينجلس لاءِ روانو ٿيل بوئنگ 747 ڪارگو جهاز هائيڊرالڪ سسٽم جي خرابي سبب ٽوڪيو ج?? ناريتا هوائي اڏ?? تي هنگامي لينڊنگ ڪئي جنهن دوران جهاز جو هڪ ٽائر ڦاٽي پيو . حادثي سبب هوائي اڏ?? جو رن وي اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين بند رهيو. جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت مطابق ان واقعي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي ستن ميمبرن مان ڪو به زخم?? ناهي ٿيو. رن وي جي بندش باوجود ٻين اڏامن جي اچ وڃ ۾ ڪا خاص دير نه ٿي ۽ نه ئي وري ڪا اڏام ملتوي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم