اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ ۾ الطاف حسين جي تقرير جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي، متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن پڻ رٿ جي حمايت ڪئي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سعيدالحسن مندوخيل قراردا?? پيش ڪئي ته هي ايوان پاڪستان جي خلاف الطاف حسين پاران ادا ڪيل جملن، نعرن ۽ ڪراچي ۾ تاريخ 22 آگسٽ 2016ع تي پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن کي ميڊيا هائوسز تي حملا ڪرڻ ج?? لاءِ اتساهڻ ج?? ڀرپور مذمت ڪري ٿو. هي ايوان حڪومت کان مطالبو ??ري ٿو ته هو سندس ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف ملڪي قانون جي خلاف ورزي، ميڊيا هائوسز تي حملن ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪري.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری